پنهنجي پچار

پنهنجي پچار

پنهنجي پچار

پنهنجي پچار (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌي عوامي تحريڪ جي ڪارڪن گل محمد چانگ جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس ڄمڻ کان وٺي ٻاروتڻ تعليم پرائڻ، سندن خانداني لڏپلاڻ، غربت، سياسي شعور اچڻ ۽ جيل ۾ گهاريل وقت جو ذڪر ڪيل آهي، هي ڪتاب جيل ۾ لکيو ويو آهي، ضيا جي مارشل لا جي دؤر ۾ گرفتاري کان پوءِ قاضي واهه جي ڪپ تي ڏهه هزار ماڻهن جي سامهون سر عام هنيل ڦٽڪن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
گل محمد چانگ هن ڪتاب ۾ 1970ع واري اليڪشن سان گڏ ان دؤر جي سياسي واقعن ۽ سياسي سرگرمين جو ذڪر ڪيو آهي، ضياءُالحق جي مارشل لا جو ذڪر ڪندي گل محمد چانگ ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”ان وقت ايوب جي خلاف شهرن ۾ گوڙ هئا، اسان وٽ سياسي هلچل شروع ٿي چڪي هئي، اسان وٽ ڪڙيو گهنور، مويا ۽ ترائيءَ ۾ سنڌي شاگردن جا جلسا ٿيا هئا، انهن ۾ يوسف ٽالپر، مسعود نوراني،رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو، اختر بلوچ، فاضل راهو، حفيظ قريشي ۽ ٻين سياسي ليڊرن تقريرون ڪيون هيون“، مون کي هنن جي جذباتي تقريرن ۽ نعرن تمام گهڻو متاثر ڪيو هو“. هن ضياءُالحق جي مارشل لا جو به يادگيرين ۾ ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، 1989ع ۾ سنڌي ادبي پبليڪيشن ايجنسي طرفان شايع ڪرايل ڪرائون سائيز ۽ ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 134 صفحا آهن ۽ قيمت 30 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو